نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ٻاهرئين سيڙپڪارن کي پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت جو سمورو ڌيان ڪاروبار د??ست ماحول پيدا ڪرڻ تي آهي، حڪومت آمريڪا پ??ڪس??ان بزنس ڪائونسل جي تجويزن جي آجيان ڪندي، پ??ڪس??ان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي نظام ت?? يقين رکون ٿا. هتي ملندڙ پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي يو ايس پ??ڪس??ان بزنس ڪائونسل جي و??د سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا جي ڪارپوريٽ سيڪٽر کي پ??ڪس??ان سان پنهنجي پراڻي ۽ نتيجاخيز لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ طريقي ۽ ذريعن تي غور ڪرڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان جي معيشت جي سمورن شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. حڪومت جو ڌيان ڪاروبار د??ست ماحول پيدا ڪرڻ تي آهي. ان سلسلي ۾ سمورين تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت پرڏيهي سيڙپڪاري جي نظام ت?? يقين رکي ٿي ۽ ان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪرڻ، انهن جو اعتماد وڌائن، زراعت، آءِ ٽي، معدنيات، کاڻين جي کوٽائي ۽ توانائي جي ترجيحي شعبن ۾ منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جوڙي آهي. نگران وزيراعظم سيڙپڪاري جي لاءِ خاص طور تي زراعت، فارماسيوٽيڪل، صحت سميت مختلف شعبن ۽ ڊيجيٽل بئنڪنگ جي نشاندهي ڪئي جتي آمريڪي ڪمپنيون پ??ڪس??ان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌائي سگهن ٿيون. ڪائونسل جي صدر ايسپيرانزه جيلاليان نگران وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي کيس يقين ڏياريو ته آمريڪا پ??ڪس??ان بزنس ڪائونسل پ??ڪس??ان حڪومت سان تعاون وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ موقعا ڳولڻ جي لاءِ رابطا جاري رکندي. ان موقعي تي وفد جي ميمبرن نگران وزيراعظم کي پ??ڪس??ان ۾ پنهنجي ڪاروبار ۽ پ??ڪس??اني مارڪيٽ ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي منصوبن بابت آگاهه ڪيو.