جده-27 آڪٽوبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي جنرل سيڪريٽري عالمي برادريءَ کان مطالبو ڪيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مطابق ڪشمير م??ئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻ??. 27 آڪٽوبر تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي ناجائز قبضي کي 76 سال مڪمل ٿي ويا آهن. او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽريٽ ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جاري ب??ان ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي ۽ ڄمون ڪشمير جي عوام جي حق خوداراديت واري ??ق سميت ان جي حقن لاءِ او آءِ سي جي حمايت جو عزم ورجايو. جنرل سيڪريٽريٽ اسلامي سربراهي اجلاس ۽ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي فيصلن ۽ قراردادن جو حوالو ڏيندي ڀارت تي زور ڀريو ته هو پنهنجي غير قانوني ڏاڍ ۽ ڄمون ڪشمير جي ماڻهن جي ب??يادي انساني حقن جو احترام ڪري ۽ ان علائقي جي ب??ن الاقوامي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي سلسلي ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل غير قانوني ۽ هڪ طرفن قدمن کي واپس وٺي.