برسلز – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي ??زير جليل عباس جيلاني برسلز ۾ پناهگيرن جي اسمگلنگ روڪڻ جي حوالي سان جا??ي عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي عالمي حصيداري بابت ڪمشنر جٽا ارپيلينن سان ملاقات ڪئي. بيلجيئم ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ جاري ترقياتي تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي نگران پرڏيهي ??زير جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، يورپي يونين، پاڪستان جو اهم واپاري ۽ اقتصادي حصيدار آهي. ڌرين گلوبل گيٽ وي ۽ هورائزن يور?? تحت ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي لاءِ پاڪستان جي سفير آمنه بلوچ پڻ ملاقات ۾ نگران پرڏيهي ??زير سان گڏ هئي.