بيجنگ – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي سرڪاري خابرو ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي چيو آهي ته ورلڊ ميڊيا سمٽ ميڊيا جي اهم مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ ميڊيا جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائ?? جي لاءِ اهم پليٽ فارم آهي. هن چيني خابرو اداري شنهوا کي ڏنل خصوصي انٽرويو دوران ان اميد جو اظهار ڪي?? ته اهو سربراهي اجلاس شرڪت ڪندڙن کي ثقافتي مٽاسٽا، صحافتي مواد جي هڪ ٻئي کي فراهمي، هڪ ٻئي جي زبانن کي سمجهڻ ۾ مدد، گڏيل قدمن، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ عال??ي مسئلن جي گڏيل ڪوريج جهڙن شعبن ۾ تعاون جا موقعا فراهم ڪندو. اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي چيو ته هي سربراهي اجلاس ميڊيا ادارن جي لاءِ هڪ ٻئي کان سکڻ، موقعا حاصل ڪرڻ ۽ ميڊيا جي ارتقا پذير شعبي کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏي?? جي لاءِ قابل قد?? پليٽ فارم آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سرڪاري خابرو ايجنسي اي پي پي ۽ شنهوا جي وچ ۾ گڏيل اڳڀرائي ۽ ڳالهه ٻولهه کي فروغ ڏي?? جي لاءِ تعاون جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته اهڙي طرح جو تعاون ٻنهي ادارن جي موقف جي لاءِ هڪ وسيع پليٽ فارم فراهم ۽ وڌيڪ جامع عال??ي مڪالمي کي فروغ ڏئي سگهي ٿو. اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي ٻنهي ميڊيا ايجنسين جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن کي اجاگر ڪي?? جنهن جي شروعات 1964ع ۾ ميڊيا تعاون جي هڪ ڪاميابي مثال طور تي ٿي هئي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪي?? ته ورلڊ ميڊيا سمٽ (ڊبليو ايم ايس) ٻنهي ادارن جي حصيداري کي مضبوط بڻائيندو ۽ انهن جي لاءِ نئين قدمن جي راهه هموار ڪندو. اي پي پي جي ايم ڊي ميڊيا خاص طور تي ڊيجيٽل ۽ سوشل ميڊيا جي وڌندڙ اثررسوخ جو اعتراف ڪندي ڪوڙي ۽ غيرمستنند خبرن جي روڪٿام جي لاءِ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تعاون کي وڌائ?? جي ضرورت تي زور ڏنو.