اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينيئر ترين جج جسٽس سردار طارق مسعود کي وقتي چيف جسٽس مقرر ڪري ڇڏيو. قانون ۽ انصاف واري وزارت پاران جاري ڪيل نو??يفڪيشن موجب جسٽس سردار طارق مسعود پاڪستان جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ٻاهرئين ملڪ رهڻ دوران وقتي چيف جسٽس طور پنهنجون ذميواريون ادا ڪندو. نو??يفڪيشن ۾ چيو وي?? آهي ته اها مقرري اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 180 تحت مليل اختيارن ??ي استعمال ۾ آڻيندي ڪئي وئي آهي.