اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي غزه ۾ جاري قتل عام ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جي خاتمي لاءِ اسلام?? ملڪن پاران ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اٽڪل 45 منٽ تائين ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي غزه سميت والاريل فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۽ قبضي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ سنگين صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪي??. صدر ان ڳالهه تي افس??س جو اظهار ڪي?? ته عورتن ۽ ٻارن سميت 19 هزار کان وڌيڪ فلسطينين جي شهادتن جي باوجود گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جنگبندي لاڳو ڪرائڻ ۽ ناقابل بيان اسرائيلي ظلمن کي روڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي. صدر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪي?? ته هڪ آزاد فلسطيني رياست جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، تي ٻڌل فلسطين مسئلي جو منصفاڻو حل وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ اهم آهي. صدر ان مقصد جي لاءِ سمورن سفارتي قدمن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪي?? ۽ موجوده صورتحال بابت ايران جي خدشن ۽ قدمن کي ساراهيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي اصولي موقف ۽ فلسطيني ڪاز جي حمايت تي پڻ ايراني قيادت کي ساراهيو. صدر 15 ڊسمبر 2023ع تي سيستان – بلوچستان ۾ هڪ ايراني پوليس اسٽيشن تي ٿيندڙ ڪڌي دهشتگرد حملي تي ايران جي حڪومت ۽ ڀائر عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪي??. هن دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايران سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪي??. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي اقتصادي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مند – پشين بارڊر سسٽينينس مارڪيٽ پليس ۽ گبد – پولن بجلي جي ٽرانسميشن لائين جي گڏيل افتتاح کي ٺوس اڳڀرائي قرار ڏنو جنهن سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيند??. ٻ??هي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪي?? ته پاڪستان ۽ ايران ڀائر اسلام?? ملڪ آهن جن جي ثقافت، مذهب ۽ تاريخ هڪ آهي. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪي??.