راولپنڊي- 02 فيبروري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي شهر مچ ۽ ڪولپور ۾ دهشت??رد?? جي حملن کي ناڪام بڻايو، هن وقت تائين 24 دهشت??رد مارجي ويا جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 4 جوان شهيد ٿيا. آءِ ايس پي آر موجب 29 ۽ 30 جنوري 2024ع جي رات دهشت??رد?? بلوچستان ۾ مچ ۽ ڪولپور ڪامپليڪس تي حملو ڪيو. سيڪيورٽي تي مقرر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دليري سان سخت مزاحمت ڪئي ۽ حملي آورن کي هار مڃڻ تي مجبور ڪ??و. انهن دهشت??رد?? کي ان کانپوءِ ايندڙ سينيٽائزيشن ۽ ڪليئرنس آپريشنز ۾ ڳوليو ??يو هو. آءِ ايس پي آر موجب هاڻي علائقو ڪليئر ٿي ??يو آهي. فائرنگ ۽ سينيٽائيزيشن/ڪليئرنس آپريشنز دوران گذريل ٽن ڏينهن ۾ 24 دهشت??رد?? کي ماريو ويو. مارجي ويل دهشت??رد?? ۾ شهزاد بلوچ، ع??ا الله، صلاح الدين، ع??دالوودو ۽ ذيشان اهم دهشت??رد آهن، باقي دهشت??رد?? جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. فائرنگ جي شديد ڏي وٺ دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا 4 بهادر جوان شهيد ٿي ويا. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو موثر جواب دهشت??رد?? خلاف جنگ ۾ ان جي بي لوث عزم جو ثبوت آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن.