اسلام آباد -10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف، ر??ضا?? پئڪيج جو ڳاڻيٽو ساڍا 7 ارب رپين مان وڌائي ساڍا 12 ارب رپيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم ر??ضا?? رليف پئڪيج جو ڳاڻيٽو وڌائڻ کان علاوه ان جو دائرو به وسيع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. يوٽيليٽي اسٽورز ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان گڏوگڏ موبائيل يونٽس به سستي اگهه تي کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وڌ کان وڌ غريب، مسڪين ۽ حقدار ماڻهن تائين ر??ضا?? رليف پئڪيج پهچايو وڃي، شروعاتي طور 1200 موبائيل پوائنٽس ۽ 300 مستقل پئڪيج رليف مرڪز قا??م ڪيا پيا وڃن. پهرين ر??ضا?? کان ر??ضا?? جي پڄاڻي تائين رليف پئڪيج تحت عام بازار کان گهٽ قيمت تي شيون فراهم ڪيون وينديون.طئي ڪيل هنڌن کان علاوه ٽرڪون مختلف علائقن ۾ غريب عوام کي سستيون شيون پهچائينديون. هنڌ جو تعين جديد ٽيڪنالاجي جي پي ايس جي ??دد سان ڪيو ويندو. موبائيل ايپ جي استعمال جي رهنمائي لاءِ خصوصي ويڊيو جاري ڪيا ويندا. ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي ??دد سان هلندڙ ڊي?? بورڊ تيار ڪيو پيو وڃي ته جيئن موبائيل اٽي جي وڪري جي نگراني ٿي سگهي. موبائيل يونٽس جي هڪ ٻئي هنڌ تي منتقلي دوران اٽي جي فراهمي جو عمل جاري رکيو ويندو موبائيل ۽ لائيو فوٽيج سان اٽي جي ورهاست جي مسلسل نگراني ڪئي ويندي. وزيراعظم شهباز شريف 7 مارچ 2024ع تي ساڍا 7 ارب رپين جي سبسڊي سان ر??ضا?? رليف پئڪيج جو اعلان ڪيو هو. 3 ڪروڙ 96 لک ڪٽنبن کي ر??ضا?? المبارڪ دوران سستي اگهه تي کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون وينديون. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت اٽو، چانور، گيهه، کنڊ، شربت، کير مارڪيٽ ريٽ کان گهٽ قيمت تي فراهم ڪيو ويندو. ر??ضا?? پئڪيج تحت حقدار ماڻهن کي بازار کان 30 سيڪڙو گهٽ قيمت تي کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون وينديون. اٽي تي في ڪلو 77 رپيا ۽ گيهه تي 100 رپيا في ڪلو سبسڊي ڏني ويندي.