اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي ??اجڪستان جي صدر امام علي رحمان ٽيليفون ڪئي ۽ پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. ٻنهي صدرن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواه?? جو ورجاءُ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پاڪستان ڀائر ملڪ تاجڪستان سان لاڳاپن کي ??صوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. صدر پاڻي وسيلن جي اهم شعبي ۾ تاجڪستان سان ڪم ڪرڻ جي خواه?? جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري رمضان المبارڪ جو برڪتن وارو مهينو شروع ٿيڻ تي تاجڪ صدر کي مبارڪباد ڏني. هن تاجڪ صدر کي نوروز جي آمد تي پڻ مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان صدر آصف علي زرداري کي ??اجڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. صدر مبارڪب??د جي پيغام ۽ نيڪ خواهشن جي اظهار تي پنهنجي تاجڪ هم منصب جا ٿورا مڃيا.