اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم محمد ??هب??ز شريف چيو ??هي ته سعودي وفد جي دوري جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي، اسان کي اهڙي طرح محنت ۽ لگن سان ان سيڙپڪاري جي پاڪستان ۾ آمد ۽ منصوبن جي تڪميل يقيني بڻائڻي آهي، مون کي پورو يقين ??هي ته جيڪڏهن اسان اهڙي طرح محنت ڪندا رهون ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ معاسي استحڪام جو هدف جلد حاصل ڪري وٺنداسين. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وز??راعظم محمد ??هب??ز شريف ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وز??راعظم شروعاتي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪابينا کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ رمضان المبارڪ جي برڪتن جي طفيل پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي دعا ڪئي. وز??راعظم چيو ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا ٿورائتا آهيون جو منهنجي تازي دوري کانپوءِ سندس خصوصي دلچسپي تحت سعودي وفد پاڪستان جو دورو ڪيو. وز??راعظم وفاقي ڪابينا ۽ لاڳاپيل عملدارن جي سعودي وفد جي ڪامياب دوري جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته سعودي وفد پاڪستاني وز??رن ۽ عملدارين جي تياري کان متاثر ٿيو ۽ سعودي پرڏيهي وز??ر شهزاده فيصل بن فرحان آلسعود ان جو واضح اظهار ڪيو. وز??راعظم چيو ته سعودي وفد جي دوري جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي. هن چيو ته اسان کي اهڙي طرح محنت ۽ لگن سان ان سيڙپڪاري جي پاڪستان آمد ۽ منصوبن جي تڪميل يقيني بڻائڻي آهي. ان حوالي سان نه ته پراڻي طريقيڪار تي هلڻ جي گنجائش ??هي ۽ نه ئي ان جي ا??از?? ڏيندس. وز??راعظم چيو ته اسان پنهنجي عوام سان ڪيل وچن موجب پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪنداسين ۽ مون کي پورو يقين ??هي ته جيڪڏهن اسان اهڙي طرح محنت ڪندا رهياسين ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ معاشي استحڪام جو هدف جلد حاصل ڪري وٺنداسين.