اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران واپار ۽ مواصلاتي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد شهباز ??ريف ۽ ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٿيو. وزيراعظم هائوس اچڻ تي وزيراعظم شهباز ??ريف ايراني صدر ??ي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳو??ڻن هڪ ٻئي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ملاقات ۾ چيو ته عام چونڊن کانپوءِ تو??ان پهريان ملڪي سربراهه آهيو جيڪو پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، مون سميت سڄي پاڪستاني قوم تو??ان جي ان دوري جي آجيان ڪري ٿي. ايراني صدر ??اندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳو??ڻن ايران پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ، مختلف شعبن ۾ تعاون، واپار ۽ مواصلاتي رابطا وڌائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳو??ڻن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ٻنهي ملڪن پاران گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو.