اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته اسلامي ترقياتي بئ??ڪ جي پاڪستان سان فائديمند شراڪتداري حڪومت جي پائيدار ترقي جي مقصدن کي ??اصل ڪرڻ سان گڏوگڏ نئين سر تعمير ۽ روزگار جي فراهمي ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۾ سهڪاري ثابت ٿي رهي آهي. اسلامي ترقياتي بئ??ڪ جاري مختلف منصوبن کي ??لد کان جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي خاص اجلاس جي موقعي تي اسلامي ترقياتي بئ??ڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر سان ملاقات دوران ڪيو. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته ملاقات ۾ اسلامي ترقياتي بئ??ڪ جي پاڪستان ۾ جاري مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم پنهنجي اڳوڻي حڪومتي دور ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ طرفان مختلف منصوبن ۾ هڪ ارب آمريڪي ڊالرن جي سيڙپڪاري تي اسلامي ترقياتي بئ??ڪ جو شڪريو ادا ڪيو. هن پاڪستان جي ٻوڏ کان پوءِ بحالي ۾ اسلامي ترقياتي بئ??ڪ جي معاونت کي ??اراهيو ۽ ان حوالي سان ڊاڪٽر الجاسر جي ذاتي سهڪار ۽ قائداڻي ڪردار کي ??سليم ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ وچ ۾ سهڪار جا نوان موقعا ڳولهڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي ??حيح رخ تي آڻڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي سمورن خدشن کي ??تم ڪرڻ ۽ ون ونڊو آپريشنز مهيا ڪرڻ لاءِ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پوري طرح سان فعال آهي. اسلامي ترقياتي بئ??ڪ جي صدر چيو ته پاڪستان اسلامي ترقياتي بئ??ڪ جو انتهائي اهم باني ميمبر آهي، الله تعاليٰ پاڪستان کي ڀرپور قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، پاڪستان جي وڏي افرادي قوت مان ڀرپور طريقي سان فائدو کڻي سگهجي ٿ??. پ??ڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعاڳو آهيون. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وز??ر محمد اورنگزيب، وفاقي وزير عطاء الله تارڙ، مصدق ملڪ، ڄام ڪمال خان ۽ اويس احمد خان لغاري به موجود هئا.