اسلا م آباد-11 مئي(اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊا?? 13 مئي کان 16 مئي تائين عوامي جمهوريه چين جو چئن ڏينهن جو دورو ڪندو، جٿي هو چيني پرڏيهي ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پرڏيهي معاملن واري ڪميشن جنرل آفيس جي ڊا??ريڪٽر وانگ سي سان ??نجين پاڪ چين وزيرڏيهي اسٽريٽجڪ لڳاپن جي گڏيل صدارت ڪندو، پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ??وجب ان ??وقعي تي ڌريون اقتصادي ۽ واپاري سهڪار، اعلي سطح جي مٽاسٽا ۽ دوري، چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي اپ گريڊيشن ۽ مستقل رابطن جي قدمن سميت پاڪ چين ٻه طرفا لڳاپن جو جامع جائزو وٺنديون. ٻئي اڳواڻ علائقائي جغرافيائي سياسي منظر نامي ۽ ٻه طرفا سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. اسٽريٽجڪ ڊا??يلاگ جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊا?? چيني اڳواڻن، سينيئر وزيرن ۽ ڪارپوريٽ شعبي جي اڳواڻن سان ??ڻ ملاقات ڪندو?? نائب وزير اعظم جو دورو ٻن??ي ملڪن وچ ۾ اعلي سطح جي مٽاسٽا جو حصو آه??، اهو دورو” آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪو آپريٽو پارٽنر شپ “ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ، بنيادي دلچسپي وارن معاملن تي گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ،سي پيڪ سميت اقتصادي ۽ واپاري سهڪار کي هٿي وٺرائڻ، علائقائي امن ۽ ترقي لاءِ هٿي ڏيڻ جي حوالي سان ٻن??ي ملڪن جي عزم ۽ ان جي اهميت جي عڪاسي ڪر ي ٿو.