اسلام آباد ??? 30 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، ن??ري??ت، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر صحافي ثاقب سعيد جي والد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وز??ر سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ثاقب سعيد جي والد جي لاڏاڻي جي خب?? ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن چيو ته ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.