اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سما??ُ، قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير عطاالله تارڙ سينيئر صحافي عون ساهي ۽ نوخيز ساهي جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پ??هن??ي تعزيتي بيان ۾ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير ڪٽنب ڀاتين سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ماءُ اهڙي عظيم هستي آهي، جنهن جو ڪو نعم البدل ناهي. هن چيو ته مرحومه جي وفات ڏکويل ڪٽنب لاءِ پورو نه ٿيڻ جوڳو نقصان ۽ وڏو صدمو آهي، مرحومه جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. هن چيو ته عون ساهي ۽ سندس ڪٽنب ڀاتين جي ڏک ۾ برا??ر جا شريڪ آهيون. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي ج??ت ۾ جاءِ ڏي ۽ وارثن کي صبر عطا ڪري.