اسلام آباد – 24 – جولائي (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ وچ ايشيا ۾ ٻٽي استعمال جي شين جي برآمدي ڪنٽ??ول پروگرام تي ٻن ڏينهن واري علائقائي ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو. پرڏيهي آف??س جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۽ يو??پي يونين جي تعاون سان منعقد ٿيندڙ ان علائقائي ڪانفرنس ۾ ڪرغزستان، منگوليا، پاڪستان، ترڪمانستان، ازبڪستان، قازقستان، آمريڪا، يو??پي يونين، گڏيل قومن جي سينيئر عملدارن ۽ ماهرن سميت گهڻ رخي ايڪسپورٽ ڪنٽ??ول رجيم جي نمائندن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1540 موجب شين ۽ ٽيڪنالاجي جي واپار تي عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي مقصد سان اسٽريٽجڪ واپاري ڪنٽ??ول جي قومي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. افتتاحي اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي اسرندڙ ملڪن جي سماجي ?? اقتصادي ترقي جي لاءِ ٻٽي استعمال جي شين ۽ ٽيڪنالاجي تائين پهچ جي حق تي زور ڏنو ۽ قومي سلامتي جي مفادن جي تحفظ ۽ جائز واپار کي آسان بڻائڻ جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان عدم ڦهلاءُ ۽ هٿيارن جي خاتمي بابت پنهنجون سموريون ذميواريون پوري طريقي سان نڀائي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جديد ائٽمي ٽيڪنالاجي سان گڏ فروغ پذير ٽيڪنالاجي جي هڪ ذميوار رياست طور پنهنجي عدم ڦهلاءُ جي ذميوارين کان پوري طرح آگاهه آهي. پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ ڊائريڪٽر جنرل اسٽريٽجڪ ايڪسپورٽ ڪنٽ??ول ڊويزن هارون رشيد شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي وسيع قانونسازي، ريگيوليٽري ۽ انتظامي فريم ورڪ بابت آگاهه ڪيو ته جيئن حساس سامان ۽ ٽيڪنالاجيز جي منتقلي کي غيرپرامن استعمال طرف موڙڻ کان روڪي سگهجي. پاڪستان جون قومي ڪنٽ??ول لسٽون نيوڪليئر سپلائرز گروپ، ميزائيل ٽيڪنالاجي ڪنٽ??ول رجيم ۽ آسٽريليا گروپ سان پوري طرح هم آهنگ آهن ۽ ان جو ايڪسپورٽ ڪنٽ??ول رجيم اعليٰ ترين عالمي معيارن جي برابر آهي. بيان موجب علائقائي ڪانفرنس عدم ڦهلاءُ جي ڪوششن ۾ علائقائي ۽ عالمي ڌرين سان پاڪستان جي مضبوط تعاون کي ظاهر ڪري ٿي. هي ڪانفرنس گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1540 جي مقصدن موجب تزويراتي واپاري ڪنٽ??ول لاڳو ڪرڻ ۾ عالمي برادري جي هڪ اهم حصيدار طور پاڪستان جي ڪردار کي پڻ ظاهر ڪري ٿي.