اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) جرمني ۾ پاڪستاني سفارتخاني تي مشتعل مظاهرين جي حملي ۽ قومي جهنڊي لاهڻ جي واقعي جي خلاف وفاقي ڪابينا جي ميمبرن پارا?? ”??رم?? پرچم“ مهم جي شروعات ڪندي وفاقي وزيرن پاڪستاني جهنڊي سان گڏ تصويرون سوشل ميڊيا تي جا??ي ڪري ڇڏيون آهن. وفاقي وزيرن سوشل ميڊيا تي قومي جهنڊي سان والهاڻي محبت جا پيغام به لکيا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير سردار اويس لغاري، عبدالعليم خان، راڻا تنوير حسين، عطاءُ الله تارڙ سميت ٻين وزيرن به قومي جهنڊي سان گڏ تصويرون سوشل ميڊيا تي جا??ي ڪيون. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ”چنڊ روشن چمڪندو رهي ستارو، سڀ کان اونچو هي جهنڊو اسان جو آهي، پاڪستان جي دشمنن کي واضح پيغام“ سان گڏ سوشل ميڊيا تي تصوير پوسٽ ڪئي. اهڙي طرح ڊاڪٽر مصدق ملڪ، علي پرويز ملڪ ۽ ڄام ڪمال خان به قومي جهنڊي ۽ پاڪستان زندهه آباد جي پيغام سان گڏ تصويرُون جا??ي ڪيُون. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ان موقعي تي چيو ته سياسي ڪارڪن، صحافي، دانشور، استاد، وڪيل، ڊاڪٽر، آبادگار، مزدور، شاگرد، ڪاروباري ماڻهو، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ محب وطن پاڪستاني ۽ پاڪستاني نوجوا?? ”??رم?? پرچم“ مهم ۾ حصو وٺن. هن چيو ته پاڪستان جو جهنڊو اسان جي قومي سڃاڻپ ۽ خودمختياري جي علامت آهي. پاڪستاني جهنڊو قوم جي اتحاد ۽ يڪجهتي جي نمائندگي ڪري ٿو. هن چيو ته آگسٽ پاڪستان جي آزادي جو مهينو آهي ”??رم?? پرچم“ جي ان مهم کي مسلسل جاري رکنداسين. ??رم?? پرچم قومي ذميواري آهي ۽ هر پاڪستاني جو فرض آهي ته هو ان تي عمل ڪري. واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي وفاقي وزيرن جي ”??رم?? پرچم“ مهم کي تمام گهڻي پذيرائي ملي رهي آهي.