اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته جرمني سپلائي چين ڊيو ڊيليجنس ايڪٽ جهڙن قدمن ذريعي پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه جرمني جي اقتصادي تعاون ۽ ترقي واري وزير سوينجا شولز سان پنهنجي آفيس ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏي?? تي ڳالهيون ڪيون ويون. واپار واري وفاقي وزير چيو ته ??اڪ??تان جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي مصنوعات جو عالمي سطح تي طلب ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان ۾ تربيت يافته مزدور موجود آهن. ڄام ڪمال جي ايس پي پلس اسٽيٽس کي حاصل ڪر?? ۾ ??رمني طرفان ??اڪ??تان جي حمايت کي ساراهيو. ملاقات ۾ جرمن وزير شولز ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل جرمني ۽ ??اڪ??تان وچ ۾ پراڻي تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ٽيڪسٽائيل سم??ت ٻين شعبن ۾ ڪيتريون ئي جرمن ڪمپنيون ??اڪ??تان ۾ ڪاميابي سان ڪم ڪري رهيون آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ڪاروباري لاڳاپا قائم آهن. جرمن وزير سمورن شعبن ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ان موقعي تي وفاقي وزير ڄام ڪمال چيو ته عورتن جي ڪردار کي وڌائڻ لاءِ حڪومت پرعزم آهي. ملاقات ۾ نيشنل ڪمپلائنس سينٽر (اين سي سي) تي روشني وڌي، ٻنهي وزيرن واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير جرمن وزير کي واپار واري وزارت ۾ اچ?? تي چادر جو روايتي تحفو به پيش ڪيو.