اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفا??ي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته ڊينمارڪ حڪومت طرفان معدنيات جي شعبي م سهڪار ۽ ٻه طرفي ڪاروباري سرگرمين سان ملڪي معيشت مضب??ط ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لينولف جي سربراهي ۾ ميڪو ڪيٽو گروپ جي سي اي او فل سمڊٿ سان گذريل ڏينهن ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ وفا??ي وزير عبدالعيلم خان، مصدق ملڪ ۽ محمد اورنگزيب به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي واپار واري وزير چيو ته ڊينمارڪ پاڪستان جو انتهائي اهم ڪاروباري شراڪتدار آهي ۽ اسان ان شراڪتداري کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا. ملاقات ۾ ڊينمارڪ جي سفير چيو ته ڊينمارڪ گذريل 30 سالن کان پاڪستان ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ منصوبن ۾ سرگرم آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط واپاري لاڳاپا قائم آهن. ملاقات ۾ وفا??ي وزيرن چيو ته پاڪستان ۾ معدني وسيلن جا وڏا ذخيرا موجود آهن، جن ۾ وڏي سيڙپڪاري ٿي سگهي ٿي. پيٽروليم واري وفا??ي وزير مصدق ملڪ چيو ته پاڪستان معدنيات جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو. پاڪستان مستقبل ۾ ڊينمارڪ سان ڪاروبار کي ??ٿي وٺائڻ ۽ وڌيڪ سهڪار جو منتظر آهي. وفا??ي وزير عبدالعليم خان چيو ته ڊينمارڪ سان سيڙپڪاري حوصلو ڏيندڙ آهي، هاڪاري نتيجا سامهون ايندا، حڪومت نجي شعبي جي سهڪار س??ن ڪاروباري سرگرمين کي ??ٿي وٺائڻ ۾ دلچسپي رکي ??ي. وفا??ي وزير محمد اورنگزيب پنهنجي کاتي طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته واپار کي درپيش سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو.