اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ منعقد اجلاس ۾ ٽوڙيل اداري پي ڊبليو ڊي جي انتظام هيٺ جاري ترقياتي منصوبن کي صوبن کي منتقل ڪرڻ جي عمل ۾ تيزي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ منصوبا بندي واري سيڪريٽري ۽ مختلف صوبن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پي ايس ڊي پي منصوبن کي جلد کان جلد صوبائي حڪومت کي منتق?? ڪيو ويندو ته جيئن انهن منصوبن تي ڪم بنا ڪنهن رڪاوٽ جاري رهي سگهي. احسن اقبال چيو ته صرف منصوبن کي منتق?? ڪيو پيو وڃي ۽ انهن منصوبن کي پي ايس ڊي پي تحت ڏني ويندڙ فنڊنگ جاري رهندي. هن سمورن صوبن کي هدايت ڪئي ته هو منتق?? ڪيل جاري منصوبن جي وزارتن جي نالي سان هفتي اندر آگاهه ڪن. وفاق ۾ جاري پي ڊبليو ڊي جي منصوبن کي به سي ڊي اي ۽ لاڳاپيل وزارتن کي منتق?? ڪيو ويندو. هن واضح ڪيو ته پي ڊبليو ڊي جي انتظام هيٺ جاري منصوبا ختم نه پيا ڪيا وڃن پر انهن کي صرف مختلف ادارن ڏانهن منتق?? ڪيو پيو وڃي. احسن اقبال چيو ته بلوچستان ان حوالي سان سڀ کان پهرين پنهنجو ڪم مڪم?? ڪيو آهي ۽ باقي صوبن کي به هفتي اندر مڪمل ڄاڻ ??راهم ڪرڻي آهي. هن چيو ته ان ڪميٽيءَ جو مقصد اهوئي هو ته جيڪي ڏُکيائيون درپيش آهن انهن کي قانون مطابق ح?? ڪيو وڃي. صوبن کي جلد کان جلد منتقل ڪرڻ لاءِ انهن کي ضلعن جي لحاظ سان وِرهايو ويندو ۽ هر ضلعي ۾ ڊي سي کي فوڪل پرسن بڻايو ويندو جيڪو پي ڊبليو ڊي ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي سمورن معاهدن کي رينڊم 4 کان 5 ڏينهن ۾ مڪمل ڪندو. ٺيڪيدارن کان اين او سي ورتي ويندي ته کين اسپانسر ايجنسي جي تبديلي تي ڪو اعتراض ناهي. ان فيصلي سان اميد آهي ته ترقياتي منصوبا وقت سر مڪمل ٿيندا ۽ عوام کي فائدو پهچندو.