اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وفاقي ا??شو??نس محتسب (ايف آءِ او) جي 9 فيصلن کي برقرار رکندي ٻن ا??شو??نس ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ا??شو??نس پاليسي ??ولڊرز يا انهن جي گهرڀاتين کي 15.2 ملين رپين کان وڌيڪ جي مجموعي رقم ادا ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر وفاقي ا??شو??نس محتسب جي فيصلن جي خلاف داخل اي ايف يو لائيف ا??شو??نس لميٽيڊ جي 6 ۽ پاڪ – قطر فيملي تڪافل لميٽيڊ جي ٽن درخواستن کي رد ڪندي اهي هدايتون ڏنيون آهن. تفصيل موجب وفاقي ا??شو??نس محتسب جي سامهون اهي الزام هنيا ويا هئا ته اي ايف يو لائيف ا??شو??نس جي ايجنٽن محمد شفيق ۽ اديب روشن جڏهن ته محمد ممتاز ملڪ، محمد شبير ۽ عابد حسين کوکر کي پاڪ – قطر فيملي تڪافل لميٽيڊ جي ايجنٽن سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪيو ۽ انهن کي منافعو ڏيندڙ اسڪيمن ۾ سيڙپڪاري ڪرائي وئي ۽ انهن کي ماهوار بنياد تي منافعي جي خاطري ڪرائي وئي. جڏهن انهن پنهنجي رقم جي واپسي ??ا ري ايمبرسمنٽ جي لاءِ لاڳاپيل ڪمپنين سان رجوع ڪيو ته ڪمپنين انهن جي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو. اي ايف يو لائيف ا??شو??نس لميٽيڊ مرحوم علي حيدر، شيخ علي حسن، چاند علي ۽ علي اڪبر جي گهرڀاتين پاران داخل ڪيل ”ڊيٿ ڪليم“ کي رد ڪري ڇڏيو. ان پريشان ڪندڙ صورتحال تي شڪايت ڪندڙن پنهنجي شڪايتن جي ازالي جي لاءِ جدا کان وفاقي ا??شو??نس محتسب سان راب??و ڪيو. محتسب انهن جا ڪيس ٻڌڻ کانپوءِ ڪمپنين کي هدايت ڪئي ته اهي شڪايت ڪندڙن کي مجموعي طور تي 15.2 ملين رپيا ادا ڪن. بعد ۾ بيما ڪمپنين صدر پاڪستان وٽ وفاقي ا??شو??نس محتسب جي فيصلن جي خلاف جدا جدا درخواستون داخل ڪيون. ڪيسن جي ٻڌڻي ايوان صدر ۾ ٿي، وفاقي ا??شو??نس محتسب جي حڪمن ۾ ڪا قانوني ڪمزوري نه ڏٺي وئي، ان لاءِ درخواستون رد ڪيون ويون. اي ايف يو لائيف ا??شو??نس لميٽيڊ کي هدايت ڪئي وئي ته اها نظاره بي بي کي 30 لک رپيا، نور حسن کي 3.077 ملين رپيا، نيڪ محمد کي 2.508 ملين رپيا، ڪامله علي کي 796000 رپيا، محمد شفيق کي 1.612 ملين رپيا ۽ اديب روشن کي 933992 رپيا ادا ڪري. اهڙي طرح پاڪ – قطر فيملي تڪافل لميٽيڊ کي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته اها محمد ممتاز ملڪ کي 636456 رپيا، محمد شبير کي 1.319 ملين رپيا ۽ عابد حسين کوکر کي 1.328 ملين رپين جي رقم ادا ڪري.