راولپنڊي-20 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فو??سز جي اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن دوران 12 دهشتگرد ماريا ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فو?? جا 6 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فو??سز ۽ دهشتگردن وچ ۾ جهڙپن جا 2 واقعا ٿيا، 19 سيپٽمبر تي پ??ڪ افغان سرحد تي 7 دهشتگردن جي چرپر ڏٺي وئي جيڪي پ??ڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سيڪيورٽي فو??سز اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ انهن دهشتگردن جو پتو لڳايو ۽ کين موثر انداز ۾ گهيري ستن ئي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. ٻيو واقعو ڏکڻ وزيرستان جي علائقي لڌا ۾ پيش آيو جتي خوارجي دهشتگردن جي گروپ سيڪيورٽي فو??سز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو. سيڪيورٽي فو??سز مقابلو ڪندي 5 خوارجي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو جڏهن ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 6 بهادر جوانن شهادت ماڻي. مارجي و??ل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ آيو ۽ علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي خارجي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ ??هي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فو??سز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.