نيويارڪ -28 سيپٽمبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ڪشمير، فلسطين ۽ دهشتگردي جي مسئلن کي عالمي فورم تي کڻڻ تي وزيراعظم جي تعريف ڪئي آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ??ن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف عالمي اڳواڻن کي دهشتگردي جي معاملي تي پاڪسان سان افغانستان جي وڌندڙ مسئلن کان به آگاهه ڪيو. ??ن چيو ته اسان پاڪستان جي مختلف حصن ۾ رهندڙ لکين مهاجرن کي بي مثال مدد فراهم ڪئي آهي. ??ن چيو ته غير رجسٽرڊ افغان رهواسين کي پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ گ??رجي. ??ن چيو ته افغان سر زمين پاڪستاني علائقن ۾ حملن ۽ دهشتگردي پکيڙڻ لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. ??ن چيو ته ڪيترائي حساس مسئلا آهن جن کي گڏيل قومن جي فورم ذريعي ح?? ڪرڻ گ??رجي. وفاقي وزير چيو ته گڏيل قومون ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير تي پنهنجي ٺهرائن تي عم?? ڪري ٽيڪس جي ڪمزور نظام جي حو??لي سان ??ن چيو ته دڪاندارن ۽ زرعي ش??بي کي مناسب طريقي سان ٽيڪس ادا ڪرڻ گ??رجي ته جيئن اسان آءِ ايم ايف پروگرام کي صحيح طريقي سان ختم ڪري سگهون. عدالتي سڌارن ۽ آئيني ترميم بابت سوال جي جواب ۾ ??ن چيو ته پارليامينٽ قانون سازي ۽ ترميمن جو سڀني کان وڏو ادارو آهي. ??ن چيو ته عوام کي جلدي انصاف جي فراهمي لاءِ قانوني سڌارا اڻٽر آهن.