اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي 94 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي سعودي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مضبوط ۽ پائيدار دوستي جي ل??ءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا، اسان خ??ي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين، خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلم??ن جي متحرڪ قيادت ۾ سعودي عرب عالمي رهنما جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، بين المذاهب مڪالمي، افهام تفهيم ۽ مختلف عالمي فورمز جي ذريعي تعاون جي فروغ جون سعودي ڪوششون مثالي آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا گڏيل احترام، تعاون، گڏيل قدرن ۽ پائيدار دوستي تي ٻڌل قدر رکن ٿا، مسلمان دنيا جي رهنما جي طور تي سعودي عرب ان??اف، برابري ۽ امن جي مقصد جي مسلسل حمايت ڪئي آهي. سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ پاڪست??ن جي عوام پاران خ??دم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز، ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان، سعودي عرب جي ڀائر عوام کي سعودي عرب جي 94 هين قومي ڏينهن جي خوشي جي موقعي تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، اسان شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي دورانديش قيادت کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. جنهن مملڪت جي ترقي ۽ خوشحالي طرف ثابت قدمي سان رهنمائي ڪئي، گڏوگڏ هن خ??دم الحرمين الشريفين جي مقدس ذميوارين کي پڻ چڱي ريت نڀايو. وزيراعظم چيو ته اسان ولي عهد شهزاده محمد بن سلم??ن جي صاحب بصيرت قيادت کي پڻ تمام گهڻو ساراهيون ٿا، جنهن جي قدمن سعودي عرب کي جديديت ۽ اقتصادي ترقي جي مشعل بردار جي حيثيت تي فائز ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جڏهن اسان پنهنجي سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ هي مبارڪ ڏينهن ملهائي رهيا آهيون ته آئون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ پائيدار دوستي جي ل??ءِ پاڪست??ن جي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو، اسان خ??ي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سعودي عرب کي خوشحالي، ترقي ۽ ڪاميابي عطا فرمائي.