اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي سهڪار تنظيم اجلاس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن جا نمائندا اسلام آباد پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. پرڏيهي مهمانن جي آجيان لاءِ رنگ برنگي بتين، گلن ۽ ايس سي او ملڪن جي جهنڊن ۽ بينرن شهر جي رونق وڌائي ڇڏي آهي. ايل اي ڊي ڊسپلي اسڪرينون اسلام آباد جي مرڪز?? چؤڪن تي لڳايون ويون آهن. سڄي شهر جي اهم هنڌن کي رنگ برنگي بتين ۽ پاڪستاني جهنڊن سان سجايو ويو آهي. چين جي اسٽيٽ ڪائونسل جي وزير??عظ?? لي چيانگ هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ سومر ڏينهن گاديءَ واري هنڌ پهتو هو. شنگهائي سهڪار تنظيم جي ٻي اعليٰ ترين فورم ايس سي او سي ايڇ جي جي ٻن ڏينهن واري اجلاس جي صدارت وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ڪائونسل جي موجوده چي??رم??ن جي حيثيت سان ڪندو. سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن ۾ چين جو وزير??عظ?? ۽ اسٽيٽ ڪائونسل لي چيانگ، بيلاروس جو وزير??عظ?? رومن گولوو چينڪو، قزخستان جو وزير??عظ?? اولز هاس بيڪتا نوف، روس جو وزير??عظ?? ميخائل ميشوسٽن، تاجڪستان جو وزير??عظ?? ڪُهر رسول زاده، ازبڪستان جو وزير??عظ?? عبدالله عاريفوف، ڪرغزستان جي وزيرن جي ڪابينه جي چي??رم??ن ظفروف عقيل بيڪ، ايران جو اول نائب صدر محمد رضا عارف ۽ ڀارت جو پرڏيهي وزير سبرامنيم جئه شنڪر شامل آهن. ان کان علاوه منگوليا هڪ مبصر رياست طور تي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جنهن جي نمائندگي وزير??عظ?? اويون اردين لويسنا مسرايي ڪري رهيا آهن. ترڪمانستان جي مهمان طور خاص نمائند??ي ترڪمن وزيرن جي ڪابينه جي نائب چي??رم??ن راشد مريدوف ڪري رهيا آهن. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ٻين اهم شخصيتن ۾ ايس سي او جو سيڪريٽري جنرل زانگ منگ، ڊائريڪٽر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ايس سي او ريجنل اينٽي ٽيررسٽ اسٽرڪچر رسلان مرزايوف، بورڊ آف ايس سي او بزنس ڪائونسل جو چي??رم??ن عاف اڪرام شيخ ۽ ڪائونسل آف ايس سي او انٽر بئنڪ يونين جو چي??رم??ن مارات يلي بائوف شامل آهن. شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي نمائندن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ معيشت، واپار، ماحوليات ۽ سماجي ۽ ثقافتي رابطن جي شعبن ۾ جاري تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ تنظيم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جا اڳواڻ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تنظيم جي بجيٽ جي منظوريءَ لاءِ اهم تنظيمي فيصلا ڪندا.