اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته موجوده دؤر ۾ عور??ن جي ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ تمام ضروري آهي، حڪومت ڊجيٽل صنفي وِرڇ جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، سمارٽ فون فار آل پاليسيءَ تي ڪم جاري آهي. اهڙو اظهار هن ڪ??لهه قطر ۾ رٿيل ڪانفرنس جنهن جو عن??ان ”ڊجيٽلائيزيشن اينڊ وومن ان پوليٽيڪس“ سان وڊيو ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته موجوده دؤر ۾ عور??ن جي ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ تمام ضروري آهي، ڊجيٽل ڊ??ائ??سز ۽ انٽرنيٽ جي فراهميءَ سان عورتن کي بااختيار بڻائي سگهجي ٿو. مملڪتي وزير چيو ته حڪومت ڊجيٽل صنفي وِرڇ جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، عور??ن جي موبائل فون، آءِ سي ٽي جي استعمال ۾ موجود رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته عور??ن جي سياست ۾ اچڻ لاءِ سماجي، معاشي رڪاوٽون آهن. ڊجيٽلائزيشن ذريعي عورتن کي بااختيار بڻائي قومي سياسي ڌارا ۾ آڻي سگهجي ٿو. مملڪتي وزير چيو ته عور??ن جي ڊجيٽل اڪانومي تائين پهچ لاءِ جينڊر ڊجيٽل ڊ??ائ??ڊ پاليسيءَ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم فري ليپ ٽاپ اسڪيم ڊجيٽل ٽولز جي پهچ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سمارٽ فون فار آل پاليسي تي ڪم جاري آهي.