اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ميجر شبير ش??يف شهيد نشان حيدر جي 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر شبير ش??يف شهيد نشان حيدر جرئت ۽ بهادري جي تاريخ لکي، قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي ملڪ جي لاءِ قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ميجر شبير ش??يف شهيد نشان حيدر جرئت ۽ بهادري جو شاندار مثال هو، 1971ع جي جنگ ۾ ميجر شبير ش??يف شهيد سلمانڪي ۾ دشمن کي اڳيان وڌڻ کان روڪي رکيو. وزيراعظم چيو ته ميجر شبير ش??يف شهيد نه رڳو پنهنجي هدف جي حفاظت ڪئي، دشمن جي ٽينڪن کي ٽينڪ ت??اه?? ڪندڙ رائيفل سان ناڪاره بڻايو پر ڪمپني ڪم??نڊ?? سميت دشمنن کي ختم ڪري ڇڏيو. طاقت جي نشي ۾ ٻُڏل پنهنجي عددي برتري جي باوجود دشمن ميجر شبير ش??يف شهيد جي موثر جواب جو مقابلو نه ڪري سگهيا. وزيراعظم چيو ته ميجر شبير ش??يف شهيد نشان حيدر ملڪ جي حفاظت جي خاطر شهادت ماڻي. ميجر شبير ش??يف شهيد نشان حيدر پاران وطن سان محبت ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪرڻ کان به نه ڪيٻائڻ نوجوا?? نسل جي لاءِ قابل تقليد آهي. هن چيو ته ميجر شبير ش??يف شهيد نشان حيدر جي حب الوطني جي جذبي ۽ فرض شناسي دشمن جي عددي برتري کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته مون سميت سڄي قوم کي ميجر شبير ش??يف شهيد نشان حيدر ۽ سندس گهرڀاتين تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي غيرتمند قوم ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ پاڪ فوج جي بهادر نوجوانن جون قربانيون ڪڏهن به نٿي وساري سگهي. ميجر شبير ش??يف شهيد جي فرض شناسي ۽ وطن سان وفاداري جو مثال پُوري ڄمار تائين ايندڙ نسلن کي متاثر ڪندو رهندو.