اسلام آباد-06 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ سي پيڪ رٿائن ۾ اڳڀرائيءَ جي حوالي ??ان اهم اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار طارق فاطمي، منصوبا بندي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري، پلاننگ ڪميشن جي ميمبرن، مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن جي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل ادارن جي سينيئر آفيسرن شرڪ?? ڪئي. ڪالهه ٿيل اجلاس ۾ توانائي، انفراسٽرڪچر، زراعت ۽ خصوصي اقتصادي زونز سميت مختلف اهم شعبن ۾ جاري منصوبن جو جائزو ورتو ويو. ريلوي وزارت ۽ مواصلات ايم ايل-1 ۽ قراقرم هاءِ وي منصوبن جي موجوده اڳڀرائي تي بر??فن?? ڏني ۽ ايندڙ لائحه عمل جو خاڪو پيش ڪيو. ايم ايل-1 منصوبي جي حوالي ??ان وفاقي وزير چيني وزيراعظم طرفان فني ماهرن جي پاڪستان آمد جي وعدي کي ساراهيو. هن ٻُڌايو ته چيني سفير ??ان ويجهڙ ۾ ٿيل ملاقات ۾ ماهرن جي ٽيم جي شمولت تي به اتفاق ٿيو هو ته جيئن منصوبي جي سمورن معاملن کي وقت سر حل ڪري سگهجي. قراقرم هاءِ وي منصوبي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي چيني ڀائيوارن ??ان تعاون کي تيز ڪرڻ جي هداي?? ڪئي ته جيئن هي اسٽريٽجڪ منصوبو سي پيڪ فيز ٽو تحت وقت سر مڪمل ڪري سگهجي. خصوصي اقتصادي زونز جي ترقي جي حوالي ??ان احسن اقبال چين جي فني سگهه ۽ مهارت جي حوالي ??ان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان چين ??ان ٻه ماڊل صنعتي زونز جي ترقي جي درخواس?? ڪئي آهي جيڪا ٽرن جي بن??اد تي مڪمل ڪيا ويندا ۽ ٻين زونز لاءِ معيار جو تعين ڪنداسين. هن بورڊ آف انويسٽمينٽ کي اسلام آباد ۾ زونز جي ترقيءَ لاءِ زمين کي حاصل ڪرڻ جو عمل جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڏني. وفاقي وزير رشڪئي خصوصي اقتصادي زون ۾ بجلي جي فراهميءَ لاءِ پاور ڊويزن ۽ پيسڪو کي فوري قدمن کڻڻ جي هداي?? ڪئي. گوادر ۾ ٽيڪس ڇوٽ جي حوالي ??ان اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته فنانس ايڪٽ تحت چائينا اوورسيز پورٽ هولڊنگ ڪمپني ۽ ٻيا فري زون ڪاروباري ادارا ٽيڪس ڇوٽ جي اهل آهن. ان سلسلي ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن کي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. زراعت جي شعبي ۾ هزار تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگردن جي چين ۾ تربيت جي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو. احسن اقبال هدايت ڏني ته تربيت لاءِ ويندڙ ماهرن کي مڪمل سهولت فراهم ڪئي ويندي. هن زور ڀريو ته چونڊيل شاگرد جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۽ مشينري ۾ مهارت حاصل ڪندا ۽ پاڪستان جي زرعي شعبي کي جديد بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. رمضان المبارڪ دوران حلال کاڌن ۽ خاص انتظامن جي به هدايت ڏني وئي. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي وفاقي وزير سي پيڪ رٿائن جي وقت سر تڪميل جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته وزيراعظم جلدئي فائيو ايز نيشنل اڪنامڪ ٽرانسفارميشن پلان جو اعلان ڪندو جيڪو ملڪي ترقيءَ جو هڪ مربوط خاڪو فراهم ڪندو.