اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي عرب سان پاڪستان جا پراڻا لاڳاپا اسان جي پرڏيهي پال??سي جو انتهائي اهم ٿنڀ آهن، اسان سعودي عرب سان پنهنجي ????تص??دي ۽ مالياتي لاڳاپن کي وڌائڻ ??ي لاءِ سرگرم آهيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سعودي عرب جي ??وريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله محمد ابراهيم الشيخ ۽ سندس وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران خادمين حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان ??ي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مون کي هن سال ڪيترائي ڀيرا سعودي عرب جو دورو ڪرڻ جو موقعو مليو جيڪو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهري لاڳاپن جي ??ڪاسي ڪري ٿو، آئون سعودي عرب کي ”فيفا ورلڊ ڪپ 2034ع“ جي ميزباني جو حق کٽڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. مون کي يقين آهي ته سعودي عرب ان ايونٽ جو بهترين طور تي انعقاد ڪندو. هن چيو ته سعودي عرب سان پاڪستان جا پراڻا لاڳاپا اسان جي پرڏيهي پال??سي جو انتهائي اهم ٿنڀ آهن، پاڪستان جي ??ڪومت ۽ عوام مشڪل وقت ۾ سعودي عرب پاران فراهم ڪئي ويندڙ مدد کي دل جي گهراين سان ساراهين ٿا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ??ي لاءِ پارلياماني مٽاسٽا انتهائي اهم آهي، اسان سعودي عرب سان پنهنجي ????تص??دي ۽ مالياتي لاڳاپن کي وڌائڻ ??ي لاءِ سرگرم آهيون. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ 2.8 ملين ڊالر جي ماليت جي معاهدن تي صحيحون ٿيون آهن جن ۾ ڪيترن ئي معاملن تي ڪم جي ??روعات ٿي چڪي آهي، مون کي اميد آهي ته جلد ئي انهن معاهدن جا ثمر ٻنهي ملڪن کي ملڻ شروع ٿي ويندا. سعودي عرب ۾ اٽڪل 2.5 ملين ماڻهن تي ٻڌل پاڪستاني ڪميونٽي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ مضبوط پل جو ڪم ڪري ٿي. عرب – اسلامي سربراهي اجلاس جي ميزباني تي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي ساراهيان ٿو جنهن غزه، لبنان ۽ خطي ۾ امن ??ي لاءِ مسلمان امت جي مطالبي کي سگهه ڏني. هن چيو ته پاڪستان، غزه ۽ لبنان جي ??وام جي مصيبتن ۽ انساني حقن جي ??لاف ورزين جي ??لاف سمورين ڪوششن ??ي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جاري رکندو.