راولپنڊي-25 ڊسمبر (اي پي پي) آرمي چيف جنرل سيد عاصم ??نير ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادريءَ کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته ??اڪستان جي سماجي، ثقافتي، اقتصادي ۽ قومي ترقيءَ ۾ مسيحي برادريءَ سميت اقليتن جون خدمتون قوم لاءِ فخر ۽ طاقت جو ذريعو آهن. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق آرمي چيف سينٽ جوزف ڪيٿولڪ ڪيٿيڊرل چرچ راولپنڊيءَ ۾ ڪرسمس جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. جتي آمد تي شرڪت ڪندڙن طرفان سندس شاندار آجيان ۽ ان پُرمسرت موقعي تي سندس موجودگي ۽ يڪجهتيءَ تي سندس شڪ??يو ادا ڪيو ويو. آرمي چيف ان موقعي تي سڄي ملڪ جي مسيحي برادريءَ کي ڪرسمس جي مبارڪ ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪرسمس همدردي، خير??گا??ي جي آفاقي قدرن جي انهن اصولن جي گهري ياد ڏياري ٿي جيڪا اسان جي معاشري کي هڪٻئي سان ڳنڍي ٿو.