اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان چين ۾ زلزلي سان ٿيندڙ افسوسناڪ جاني نقصان تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته چين ??ي عوام ۽ حڪومت کي امدادي ڪوششن ۾ مدد فراهم ڪنداسين. هن چيو ته اسان جون ??مدرديون زخمين ۽ گم ٿيل ماڻهن سان گڏ آهن. ترجمان زلزلي کانپوءِ جاري امدادي ڪاررو??ين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.