اسلام آباد – 31 مئي (اي پي پي) نيشن?? ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) سمورين صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي آهي ته ڪوويڊ 19 کان بچاءُ لاءِ ٺاهيل ايس او پيز ۽ گائيڊ لائينز تي عملدرآمد جي لاءِ مارڪيٽ ??يسوسيئيشنز کي پاڻ سان گڏ شامل ڪيو وڃي. نيشن?? ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خاص ??دمن واري وفاقي وزير اسد عم?? جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وفاقي وزير اسد عم?? چيو ته دڪاندارن کي گهرجي ”نو ماسڪ نو سروس“ جي پاليسي کي سختي سان لاڳو ڪن. اسد عم?? اين سي او سي کي هدايت ڪئي ته اهو معياري آپريٽنگ طريقيڪار (ايس او پيز) کي سختي سان لاڳو ڪندي لاڪ ڊائون کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ منصوبي تي ڌيان ڏي.