اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آ??ي ته پاڪستان ايٿوپ??ا سان لاڳاپن کي گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان جي سي??پڪاري دوست واپاري پاليسي جي پيش نظر پاڪستان غير مل??ي سيڙپڪارن لاءِ هڪ پرڪشش ماڳ آهي، چونڊيل سفير ايٿوپيا ۾ غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن ايٿوپيا ۾ پاڪستان جي چونڊيل سفير شوزب عباس سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ت?? نامزد سفير واپار، معيشت ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندو، پاڪستان ايٿوپ??ا سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ت?? نامزد سفير ايٿوپيا جي سي??پڪارن جي پاڪستان ۾ سي??پڪاري لاءِ حوصلا افزائي ڪندو. پاڪستان جي سي??پڪار دوست واپاري پاليسي جي پيش نظر پاڪستان غير مل??ي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ پرڪشش ماڳ آهي، نامزد سفير ايٿوپيا ۾ غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪندو.