اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ا??د قيصر چيو آهي ته افغان امن عمل ۽ ڳالهين کي نه رڳو پاڪستان جي حڪومت پر عالمي برادري به ساراهيو آهي، ان عمل کي انتهائي احتياط سان پڄاڻي تائي?? پهچائڻ جي ضرورت آهي، تاريخ جو سبق اسان کي اڳتي وڌڻ ۽ پنهنجي غلطين کي صحيح ڪرڻ جو سبق ڏيندو آهي، پاڪستان ۽ افغانستان ٻئي گڏجي بحر عرب کي وچ ايشيائي رياستن کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري، ان سان ٻنهي ملڪن جي عوام ??اءِ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيندو، هو پاڪ افغان واپار ۽ سيڙپڪاري جي سلسلي ۾ ٿي??دڙ ٻن ڏينهن جي فورم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.