اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا گلگت بلتستان جي عدالتن ۾ سينيئر سول ججز ۽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ج??ز کي پيڪا 2016 قانون جي شق 44 تحت پرزائيڊنگ آفيسرز جا اختيار ڏيڻ، ڄمون ۽ ڪشمير اسٽيٽ پراپرٽي بجيٽ ۽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن (ري آرگنائيزيشن) ايڪٽ 1996?? تحت ٽيلي ڪام اپيليٽ ٽربيونل قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم سدائين وانگر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمرا?? خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا چونڊ سڌارن تي تفصيلي غور ڪيو. وزيراعظم سدائين وانگر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن.