اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز نيشنل ڊائيلاگ لاءِ پارليامينٽ کي موزون ترين پليٽ فارم قرار ڏيندي چيو آهي ته پارليامينٽ ?? موجود مخالف ڌر پارٽين جي ذميوار ۽ سنجيده قيادت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، ڳالهين ۾ اتفاق راءِ ٿي ويندو، اليڪٽوريل ريفارمز سميت هر معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي، مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز ته پارليامينٽ جو حصو ئي نه آهن اه?? ته هونئن به ٻاهر سمجهو، شيراني، حافظ حسين احمد ۽ ٻين مولانا فضل الرحمان کي سليڪٽيڊ چيو ۽ ٻيون ڳالهيون به ٻڌايون، اه?? پنهنجي پارٽي اندر رهندي تشخص کي اڀاري رهيا آهن. هو وفاقي وزيرن چوڌ??ي فواد حسين ۽ فيصل واوڊا سان گڏ پي آءِ ڊي ?? پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.