اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) ماحوليات جي شعبي ۾ حڪومتي ڪوششن جي اعتراف ۾ پاڪستان گڏيل قومن جي ماحوليات بابت پروگرام (يو اين اي پي) جي سهڪار سان ??احوليات جي عالمي ڏهاڙي 2021ع جي ميزباني ڪندو. ماحوليات جو عالمي ڏهاڙو پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ 5 جون تي ملهايو ويندو. پاڪستان کي ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي تقريبن جي ميزباني جو اهو اعزاز وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت طرفان ??درتي ماحول جي بحالي ۽ تحفظ ۽ مسئلن جي حل لاءِ قدرتي طريقن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ڪوششن جو عالمي سطح تي اعتراف آهي. وزيراعظم عمران خان جي حياتياتي تنوع جي ڪنووينشن ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ قائداڻي خطاب ۽ سندس قيادت ۾ صاف ۽ سرسبز پاڪستان ??روگرام، 10 بلين ٽري سونامي پراجيڪٽ ۽ جهنگلي حيات لاءِ محفوظ علائقن کي فروغ ڏيڻ جهڙي قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي جي منصوبن جي صورت ۾ پاڪستان جي عالمي اڳواڻ جي حيثيت سان ڪردار کي تسليم ڪندي يو اين اي پي ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني جي آڇ ڪئي هئي. هن سال ماحوليات جو عالمي ڏهاڙو ”ايڪو سسٽم جي بحالي“ جي عنوان سان ??لهائيندي قدرت سان ??نهنجي تعلق کي نئين سر قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويندو. ان ??وقعي تي گڏيل قومن جي ايڪو سسٽم جي بحالي جي ڏهاڪي 2021ع کان 2030ع جو به باضابطه افتتاح ڪيو ويندو. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني سان ??اڪستان جو دنيا ۾ مثبت تشخص اڀر??دو جڏهن ته موسمياتي تبديلين ۽ ماحوليات جي تحفظ ۽ فروغ جي حوالي سان ??ومي عزم، پروگرامن، منصوبن ۽ ڪاميابين کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جو موقعو به ميسر ايندو. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان سرگرمين جو اهتمام موسمياتي تبديلي واري وزارت ڪندي. ان ڏينهن جي مناسبت سان اعليٰ سطح جي تقريبن جو انعقاد ڪيو وي??دو جنهن ۾ صدر، وزيراعظم، عالمي اڳواڻن ۽ ٻاهرين نمائندن جي شرڪت جو ??مڪ??ن آهي، جرمن واچ موجب پاڪستان گذريل 20 سالن جي دوران ??وسمياتي تبديلين جا اثر سڀ کان ??ڌيڪ متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن جي ڪري 2010ع کانپوءِ مسلسل ٻوڏن، ٿرپارڪر ۽ چولستان ۾ شديد ڏڪار، ملڪ جي ڏاکڻي حصي ۾ شديد گرمي جي لهر، طوفان، سامونڊي طوفان، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ملڪ جي اترين علائقن ۾ گليشيئرز جي پگهرجڻ سان ??هندڙ ڍنڍن جي ٽٽڻ جي ڪري ٻوڏ جهڙين ڪيفتين جا خطرا درپيش رهيا آهن.