اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هڪ رپئي جي ڪرپشن نه ڪرڻ جي دعويدار شهباز شريف پنهنجي شگر ملز ملازمن وسيلي 25 ارب جي مني لانڊرنگ ڪئي، شهباز شريف ڪرپشن ?? مني لانڊرنگ جي ڌنڌي جي لاءِ پنهنجي نائب قاصد، ڪلرڪ، ڪيشيئرز ۽ مئنيجرز جا ??ئنڪ اڪائونٽس استعمال ڪيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ادارا ڪرپشن ج?? سوال پڇن ته جواب ??ين ٿا ته سلمان جواب ??يندو ۽ سلمان کي ملڪ مان فرار ڪرايو ويو آهي.