اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي پارليامينٽ هائوس جي لان ۾ ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم جو آغا?? ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته ماحو?? دوست قدم اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهن. ماحو?? دوست روين جي فروغ لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته موسيماتي تبديلين جي اثرن کي ڀرپور وڻڪاري ۽ ماحو?? دوست قدمن سان ئي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. و?? پوکڻ اسان جي انفرادي ۽ اجتماعي ذميداري آهي. عوام کي اپيل آهي ته ٻوٽا پوکين ۽ ماحو?? دوست رويو اختيار ڪن. ان موقعي تي ڊپٽي چيئرمين چيو ته پارليامينٽ موسيماتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ موثر قانونسازي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ڪاربن جو اخراج گهٽ ڪرڻ لاءِ پارليامي??ٽ شمسي توانائي مان بجلي جون ضرورتون پوريون ڪري رهي آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته عوام وڻڪاري مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي، ان موقعي تي سينيٽرز فدا محمد ذيشان خانزاده کان سواءِ سينيٽ جو سيڪريٽري محمد قاسم صدم خان به موجود هو.