اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي ايوان صدر ۾ مون سون وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو لڳايو. مون سون وڻڪاري مهم 2021ع تحت ايوان صدر جي اڱڻ ۾ اٽڪل 10 هزار ٻوٽا لڳايا ويندا. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب ان موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته نوجوان وڌ کان وڌ وڻ لڳائي پاڪستان کي صاف ۽ شاداب بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته نوجوان نسل ملڪ جي قدرتي حسن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ ون لڳائي ڇو ته موسمياتي تبديلي جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ، ايندڙ نسلن کي صاف ۽ صحتمند ماحول ڏيڻ جي لاءِ وڻ ضروري ??هن. هن چيو ته پاڪستان کي تمام گهڻي خوبصورتي ۽ قدرتي وسيلن سان نوازيو ويو آهي، نوجوان نسل پنهنجي ڀرپاسي کي صاف سٿرو ۽ سرسبز رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ??اڪ??ر عارف علوي چيو ته ملڪ جي اترين علائقن جي خوبصورت جاين طرف لکين سياح متوجه ٿيا آهن پر سياحن کي ماحول صاف رکڻ، آلودگي پکيڙڻ کان پاسو ڪرڻ جي لاءِ تعليم جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ماحولياتي نظام کي موسمياتي تبديلي، گلوبل وارمنگ ۽ ٻيلن جي واڍيءَ جي ڪري ??طرا درپيش آهن. صدر چيو ته ملڪ ۾ ٻيلن ۾ اضافي جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن و??يڪ چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ دنيا جي مختلف حصن ۾ گليشيئر پگهڙڻ ۽ ٻوڏ جو سبب بڻجي رهي آهي. ان موقعي تي موسمياتي تبديلي واري ??اص معاون ملڪ امين اسلم صدر کي مون سون وڻڪاري ??ابت بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي ??ڻڪاري مهم تحت سڄي ملڪ ۾ 50 ڪ??وڙ کان و??يڪ ٻوٽا لڳايا ويندا جڏهن ته 10 ارب ٽري ??ونامي جي پهرين مرحلي ۾ 2018ع کان 2023ع تائين 3.296 ارب وڻ لڳايا ويندا. ملڪ امين اسلم چيو ته وڻڪاري مهم سان قدرتي ماحول جي تحفظ، ٻيلن ۾ اضافي ۽ گلوبل وارمنگ جا اثر گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.