اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو غير معمولي اجلاس ٿيڻ خوش آئنده آهي، اهو پاڪستان جي ڪامياب پرڏيهي پالي??ي جو مثال آهي، مئلن جي ووٽن سان گڏوگڏ ن ليگ انهن جي نالن تي جعلي اڪائونٽس به ٺاهيندي آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير چيو ته اهو پاڪستان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته اسان جو ملڪ او آءِ ??ي جي غير معمولي اجلاس جو ميزبان آهي، هن چيو ته اهو غير معمولي اجلاس افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني الميي جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، فرخ حبيب چيو ته او آءِ ??ي جو غير معمولي اجلاس جا مثبت نتيجا سامهون ايندا. پاڪستان ۾ 40 سالن کانپوءِ او آءِ ??ي جو اجلاس ٿيڻ وڃي رهيو آهي، مملڪتي و??ير چيو ته او آءِ سي اجلاس جو پاڪستان ۾ ٿيڻ اسان جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. اجلاس ۾ سڄي دنيا جو ڌيان افغانستان تي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين، گهرو و??ير شيخ رشيد احمد، وزيراعظم جو ميڊيا بابت خاص مدگار ڊاڪٽر شهباز گل به موجود ه??ا.