اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بلوچستان جي فنانس ڊپارٽمينٽ ب??بت سينيئر وزير نور محمد دمر جي ميمبر طور قومي ??قتصادي ڪائونسل مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اها منظوري آئين جي آرٽيڪل 156 تحت ڏني آهي. صدر انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي بورڊ آف گورنرز جي مقرري جي پڻ منظور?? ڏني آهي. اڳوڻي سفير جليل عباس جيلاني، ڊاڪٽر رفعت حسين ۽ ڊاڪٽر سلميٰ ملڪ کي بورڊ آف گورنرز جي ميمبر طور مقرر ڪيو ويو آهي. بورڊ آف گورنرز جي ميمبرن جي مقرري اعز??زي بنيادن تي ڪئي وئي آهي.