اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان خصوصي اقتصادي زونز جي حوالي سان مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن جي سهولت ج?? قدمن تي مقرر ڪيل مدي ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. و??ير??عظم عمران خان جي صدارت ۾ اسپيشل اڪنامڪ زونز تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ و??ير??عظم کي اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ حڪومت جي کنيل قدمن کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رشڪئي، بولان ۽ علامه اقبال انڊسٽريل سٽي مڪمل طور تي فعال ٿي چڪا ۽ اتي صنعتن جي تعمير تي تيزي سان ڪم جاري آهي، ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زونز تي به ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ ان کي جلد فعال بڻايو ويندو، اجلاس کي اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ صنعتن لاءِ موجود زمين ۽ 130 ڪمپنين کي صنعتن جي تعمير لاءِ 1500 ايڪڙ زمين جي 2021ع ۾ منظوري ۽ الاٽمينٽ جي حوالي سان به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته فعال ا??پيشل اڪنامڪ زونز ۾ بجلي ۽ گئس جي فراهمي يقيني بڻائي وئي آهي، و??ير??عظم خصوصي اقتصادي زونز جي حوالي سان مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن جي سهولت ج?? قدمن تي مقرر مدي ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. اجلاس ?? وفاقي وزير اسد عمر، حماد اظهر، چوڌري فواد حسين، قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين اظفر حسن ۽ لاڳاپيل ا??ليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.