اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته راوي اربن ڊولپمينٽ ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبو ملڪ جي لاءِ اهم آهن، منصوبن جا هدف مقرر ڪيل مدي ۾ پورا نه ڪندڙ اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پنجاب حڪومت انهن منصوبن جي خلاف التوا واري ڪيسن جي موثر پيروي ڪري، وز??راعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وز??راعظم جي صدارت هيٺ راوي اربن ڊولپمينٽ ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس ٿيو ان موقعي تي وز??راعظم چيو ته راوي اربن ڊولپمينٽ ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبا ملڪ جي لاءِ اهم آهن، حڪومت ڪنهن ذاتي مفاد لاءِ نه پر عوامي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، وز??راعظم چيو ته اهو منصوبو لاهور ۾ تنگي ۽ آلودگي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، منصوبن جا هدف مقرر وقت ۾ پورا نه ڪندڙ اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. وز??راعظم چيو ته اسان جي حڪومت تعميرات ??ا تاريخ ساز منصوبا شروع ڪيا، جنهن جي طرف گذريل 20 سالن ۾ ڪنهن به حڪومت ڌيان نه ڏنو، پارڪس، ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ، صاف توانائي ۽ عالمي معيار انهن منصوبن کي ماحول دوست ٺاهيندو، وز??راعظم هدايت ڪئي ته پنجاب حڪومت انهن منصوبن جي خلاف التوا واري ڪيسن جي موثر پيروي ڪري.