اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو برآمدي ترقي تي ٻڌل منصوبابندي مت??ارف ڪرائي رهي آهي، باصلاهيت نوجوان افرادي قوت، سياحت ۽ سمنڊ پار پا??ستاني سيڙپڪار ملڪ جي ترقي لاءِ انتهائي اهميت رکن ٿا، حڪومت سڄي دنيا ۾ پا??ستاني سفارتخانن کي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ فعال بڻائي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪي ترقي جي لاءِ منصوبابندي ۽ حڪمت عملي جي فريم ورڪ ۽ ان نظام ۾ سڌارن تي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو برآمدي ترقي تي ٻڌل منصوبابندي مت??ارف ڪرائي آهي. بدقسمتي سان ماضي جي حڪومتن ترقياتي منصوبابندي ڪرڻ وقت حڪومتي مفاد کي قومي مفاد تي ترجيح ڏني. وزيراعظّم چيو ته باصلاهيت نوجوان افرادي قوت، سياحت ۽ سمنڊ پار پا??ستاني سيڙپڪار ملڪ جي ترقي لاءِ انتهائي اهميت رکن ٿا. حڪومت ملڪ ۾ صنعتي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي روزگار جي فراهمي ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت سڄي دنيا ۾ پا??ستاني سفارتخانن کي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ فعال بڻائي رهي آهي. اجلاس کي منصوبابندي واري وزارت پاران حڪومت جي 5 سالا ترقياتي منصوبابندي جي طريقيڪار ۾ موجوده حڪومت جي سڌارن جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪي ترقياتي منصوبابندي جي جوڙجڪ جو لاڳو نظام تبديل ڪرڻ وقت جي ضرورتن جي مناسبت سان ضروري تبديليون نه ڪرڻ جي ڪري فرسوده ٿي چڪو آهي جنهن جي بهتري لاءِ منصوبابندي وزارت ترجيحي بنيادن تي سڌاراجاتي حڪمت عملي تيار ڪئي آهي. سڌارن کانپوءِ ملڪي ترقياتي منصوبابندي جي لاءِ برآمدي ۽ صنعتي شعبي جي ترقي، روزگار جي فراهمي ۽ في ڪس آمدني وڌائڻ کي بنيادي حيثيت ڏني ويندي. منصوبابندي جي لاءِ نه رڳو پا??ستاني معاشي ضرورتن جي سمجهه رکندڙ ع??لم?? شهرت يافته ماهرن جي راءِ پر ع??لم?? معيار ۽ تبديل ٿيندڙ ع??لم?? برآمدي مارڪيٽ جي صورتحال کي پڻ نظر ۾ رکيو ويندو. منصوبابندي ڪرڻ وقت پا??ستاني معاشي ترقي جو رخ درآمدي ترقي کان برآمدي ترقي طرف موڙيو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ترقياتي منصوبابندي ڪرڻ وقت نه رڳو ڊگهي مدي پر گهٽ مدي واري هدفن جو تعين ڪيو ويندو جنهن تي تبديل ٿيندڙ ع??لم?? ۽ ملڪي صورتحال جي ڏس ۾ سالياني نظرثاني ڪري ضروري ترميمون به ڪيون وينديون. وڌيڪ اهو ته اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبابندي جي جوڙجڪ ۾ سموريون وزارتون پنهنجو تعاون يقيني بڻائين، نتيجي طور ملڪي ترقي جي رخ جو تعين ٺوس منصوبابندي تحت ??مڪن ٿي سگهندو. منصوبابندي ڪرڻ وقت پا??ستان ۾ پيداواري شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي وارين صنعتن جي نشاندهي ڪري صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ مراعتون ۽ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ان کانسواءِ برآمدي صنعت ۾ نئين شعبن جي تعين، جن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، آٽو موبائيل، سياحت ??غيره شامل آهن، ڪري صنعتون لڳائڻ جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. جڏهن ته پا??ستان جي ع??لم?? دنيا ۾ مستحڪم واپاري لاڳاپن وارن دوست ملڪن سان واپار وڌائڻ جي لاءِ پا??ستاني سفارتخانن کي ان حوالي سان وڌيڪ فعال ڪيو ويندو. اجلاس کي پا??ستان جي موجوده منصوبابندي جي جوڙجڪ جي نظام، ان جي خامين، خطي ۽ دنيا جي ڀيٽ ۾ پا??ستان جي ترقي جي راهه ۾ ماضي جي حڪومتن جي ٺوس ۽ وقت سان هم آهنگ منصوبابندي کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪري ايندڙ رڪاوٽن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ترقياتي منصوبابندي جي لاءِ فريم ورڪ کي جلد مڪمل ڪري ترجيحي بنيادن تي ان کي لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، اسد عمر، حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار، سيد فخر امام، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ واري خاص معاون خالد منصور ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.