اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليامينٽ جي ڊ??جيٽلائيزيشن جي منصوبي کي جنوري 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ان قدم سان پارليامينٽ جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو ۽ قانونسازي جي عمل ۾ بهتري ايندي. هو پارليامينٽ کي سائبر ??لا??يتن سان ليس ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ منصوبي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي پاران منصوبي تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. صدر منصوبي تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي ??ي ساراهيو. هن منصوبي کي مقرر مدي موجب جنوري 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ شفافيت آڻڻ ۾ مد?? ملندي. صدر چيو ته پارليامينٽ جي ڊ??جيٽلائيزيشن جي منصوبي سان پارليامينٽ جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو ۽ قانونسازي جي عمل ۾ بهتري ايندي.