اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هڪ طرف ڪرپشن بچائڻ وارو ٽولو ۽ ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان آهي، قوم فيصلو ڪيو آهي ته ملڪي سالميت ۽ وزيراعظم عمران خان سان گڏ ڄمي بيٺل آهي، سپ??يم ڪورٽ ۾ جاري ڪيس پاڪستان جي ج??هوري مستقبل جو فيصلو ڪندو. سپ??يم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪالهوڪي ج??سي ۾ قوم وزيراعظم عمران خان تي اعتماد پلس ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته ٻاهريون قوتون حڪومت ??يرائڻ جي ڪوششن ۾ ملوث آهن، عوام فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته هو ملڪي سالميت سان گڏ آهي. هن چيو ته ڪامياب جلسي ج?? انعقاد تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هڪ عرصي کانپوءِ قوم کي وزيراعظم عمران خان جهڙو اڳواڻ مليو آهي، پاڪستان ۾ هڪ اهڙو مفاد پرست ٽولو آهي ج??هن جا مفاد ملڪ کان ٻاهر آهن، هن چيو ته سپ??يم ڪورٽ ۾ جاري ڪيس پاڪستان جي ج??هوري مستقبل جو فيصلو ڪندو، فرخ حبيب چيو ته هر اداري کي ملڪي سالميت عزيز آهي.