اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? چين جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ 26 اپريل 2022ع تي ڪراچي ۾ ٿيل دهشتگردي جي حملي ۾ چيني شهرين جون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي دلي ت??زيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي ت?? چيني سفارتخاني جي ناظم الامور پينگ چونچوئي ۽ آفيسرن سان ڳالهائيندي صدر چيو ته ان افسوسناڪ واقعي تي پوري پاڪستاني قوم کي گهرو ڏک ۽ افسوس آهي ۽ هو پنهنج?? چيني ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان چيني شهرين جي ت??فظ کي يقيني بڻائڻ ۽ ان ڪڌي واقعي ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندو، صدر واقعي جي پرزور مذمت ڪند?? چيو ته اسان جي دشمنن جا ناپاڪ ارادا ان جي پويان آهن جيڪي پاڪ چين ??وس??ي ۽ ۽ سي پيڪ منصوبي کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا پر اهي پنهنجي انهن ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندا ڇو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري ??وس??ي هموار آهي ۽ هو سدا بهار ??وس??ي کي سگهه ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن. هن ناظم الامور ک?? چيو ته هو چيني عوام، ڪميونسٽ پارٽي ۽ صدر شي جن پنگ تائين به اها دلي ت??زيت پهچائي. ناطم الامور سفارتخاني جو دورو ڪرڻ ۽ چين جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو، هن چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل مستقبل جا حامل آهن ۽ انهن جي وچ ۾ ??وس??ي ۽ ويجهي ت??اون جي ڊگهي ت??ريخ آهي، هن حملي جي مذمت ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ان واقعي جي پردي پويان ڏوهارين کي گرفتار ڪري سزا ڏني ويندي، ان کانپوءِ صدر سفارخاني جي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات به قلمبند ڪيا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر چيو ته چيني عوام سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪريان ٿو، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڀائراڻي ??وس??ي ۽ عوام جي سطح تي گهرا لاڳاپا هموار آهن، هن چيو ته ٽن چيني شهرين جون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ سان ائين لڳي ٿو ته اسان پنهنجي پاڪستاني رشتيدارن کي وڃايو آهي، ان المناڪ واقعي ت?? چين جي صدر شي جن پنگ، ڪميونسٽ پارٽي آف چائنه ۽ چيني عوام سان تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ چين جا گهرا ??وس??اڻا لاڳاپا اسان جي دشمنن لاءِ خطرو آهن ان لاءِ هو چين پاران اسان جي مدد، بي آر آئي ۽ سي پيڪ جي ذريع?? چين جي امن ڪوششن کي سگهه ڏيڻ جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي پويان آهن، تنهن ڪري جتي به دهشتگرد آهن اسان کي انهن جي ناپاڪ ارادن کي گڏجي ناڪام بڻائڻ جي ضرورت آهي. بنا شڪ جي پاڪستان دهشتگردي جي خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، تنهن هوندي به اهو واقعو رونما ٿيو آهي جيڪو اسان جي لاءِ انتهائي دردناڪ آهي، صدر چين کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان جي حڪومت جوابدارن جو پتو لڳائڻ ۽ انهن کي سزا ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، هن پاڪستان ۾ چيني شهرين جي خدمتن کي ساراهيند?? چيو ته اسان کي ٽيڪنالاجي، ثقافت، زبان، ڪميونيڪيشن سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون جي ضرورت آهي، هي ٽئ?? چيني شهر?? چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪميونيڪيشنز اسڪلز ۾ بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا، اسان خاطري ڪرايون ٿا ته پنهنجي شهرين وانگر چيني شهرين جي سيڪيورٽي يقيني بڻائينداسين.