اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان والاريل ڪشمير جي گادي واري ش??ر سرينگر جي جامع ??سج?? ۾ شب قدر ۽ جمعته الوداع جي اجتماعن تي پابندي جي سخ?? لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڀارتي قابض فوج رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هٿين خالي ڪشميرين تي ظلم ۾ تيزي آندي آهي، ڀارتي قابض فوج سرينگر جي جامع ??سج?? ۾ شب قدر ۽ جمعته الوداع جي اجتماعن تي پابندي لڳائي جنهن جي پاڪستان سخ?? لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، هن چيو ته امن ۽ رحمت جي مقدس مهيني ۾ ڪشميري مسمانن جي مذهبي آزادي تي پابندي لڳائي وئي آهي جيڪا قابل مذمت آهي. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران اهو ظالماڻي قدمن جي هڪ نئين ڪڙي آهي جنهن سان مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن، ان کان اڳ والاريل ڪشمير ۾ قرآن پاڪ ج?? بي حرمتي، ??سج??ن ۽ درگاهن کي باهه ڏيڻ جا ناپاڪ واقعا به رونما ٿي چڪا آهن، هن چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائماليون ڪري رهي آهي ۽ ان مذهبي آزادين تي پابندي لڳائي رکي آهي، ترجمان چيو ته پاڪستان والاريل علائقي ۾ ڀارت جي هٿان ڪشميري مسلمانن جي مذهبي آزادي تي پابنديون لڳائڻ جي سخ?? مذمت ڪري ٿو.