اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب ا??ارات (يو اي اي) جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر ۽ يو اي اي جي ولي عهد شهزاده محمد بن زيد النهيان ??ي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس ۽ يو اي اي جي ڀائر عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم يو اي اي جي قيادت جي سٺي صحت ۽ ڀائر اماراتي عوام جي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. يو اي اي جي ولي عهد وزيراعظم پاڪستان ??ي عيد جي مبارڪباد ڏيندي خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ تعاون تي ٻڌل ڊگهي مدي وارن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم يو اي اي جي پنهنجي تازي دوري دوران ولي عهد سان پنهنجي تفصيلي مشاورت جو حوالو ڏيندي پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي شاندار ميزباني تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته گڏيل مفاد ۾ ٻطرفي تعاون خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي لاءِ هو يو اي اي جي قيادت سان ??ڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم پنهنجي يو اي اي جي تازي دوري جي فوري پوءِ گڏيل عرب ا??ارات جو معاشي وفد موڪلڻ تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا جيڪو ٻنهي ڀائرن عوام جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جو اضافو آهي. وزيراعظم ولي عهد کي پنهنجي اولين فرصت ۾ پا??ست??ن جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي حصيداري عمل ۽ عالمي سطح تي تعاون جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ ويجهو را??طو قائم رکڻ تي اتفاق ڪيو.